لبنان؛ اسرائيل ۽ حزب الله جي وچ ۾ جنگ بندي تي اتفاق ڪيو ويو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


حزب الله تصديق ڪئي آهي ته لبنان ۾ اسرائيل سان جنگبندي معاهدي تي عملدرآمد اڄ شام شروع ٿيندو.

رائٽرز موجب، اسرائيل ۽ حزب الله جي وچ ۾ هڪ نئين جنگ بندي 4:00 PM تي عمل ۾ آئي. لبنان ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن جي شديد ويڙهه ۽ جاني نقصان کان پوءِ.

اها ڳالهه حزب الله جي ٻن اهم ۽ معتبر ذريعن رائٽرز کي ٻڌائي آهي، جن چيو آهي ته حزب الله اطلاع ملندي ئي فوري طور تي جنگبندي تي عمل ڪرڻ شروع ڪيو آهي.

رائٽرز دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي عملدارن پڻ تصديق ڪئي آهي ته اسرائيل ۽ حزب الله جنگ بندي تي راضي ٿي ويا آهن. اهو معاهدو آمريڪا ۽ قطر جي وچ ۾ ٿيو، جڏهن ته ايران به ڳالهين کي ڪامياب بڻائڻ ۾ مددگار ڪردار ادا ڪيو.

ايسوسيئيٽڊ پريس، اي ايف پي ۽ ٻين عالمي ذريعن به جنگبندي تي عملدرآمد جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ان پيش رفت جو مقصد لبنان ۾ جاري ويڙهه کي روڪڻ ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ آهي.

جڏهن ته ڪجهه رپورٽن موجب جنگبندي نازڪ مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي ۽ ٻئي طرف هڪ ٻئي تي خلاف ورزي جا الزام لڳايا پيا وڃن. جنهن سبب سندس مستقبل جا خدشا آهن.

ياد رهي ته لبنان ۾ اها جنگ بندي هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي جڏهن حزب الله جي حملي ۾ 4 اسرائيلي فوجي مارجي ويا هئا ۽ جنهن کانپوءِ وزيراعظم نيتن ياهو ۽ سخت گير يهودي وزيرن پرتشدد حملن جي ڌمڪي ڏني آهي.

گذريل هڪ ڏينهن دوران بيٽالين ڪمانڊر سميت 6 اسرائيلي فوج جا اهلڪار مارجي ويا، جڏهن ته 12 اهلڪار زخمي ٿي پيا، جن مان 2 جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment