پاڪستان پيپلز پارٽي گلگت بلتستان ۾ حڪومت سازي بابت اهم فيصلو ڪندي امجد ايڊووڪيٽ کي وڏو وزير نامزد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سڌو رابطو ڪري مستقبل جي حڪومتي حڪمت عملي ۽ عوامي حقن جي تحفظ بابت خصوصي هدايتون جاري ڪيون.
پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گلگت بلتستان ۾ حڪومت سازي جي عمل کي اڳتي وڌائيندي پارٽي جي صوبائي صدر امجد ايڊووڪيٽ کي وڏو وزير بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري امجد ايڊووڪيٽ سان ٽيليفون تي رابطو ڪري کيس حڪومت سازي جي معاملن بابت تفصيلي هدايتون ڏنيون.
ملاقات دوران گلگت بلتستان جي عوام کي درپيش مسئلن، آئيني حقن ۽ اقتصادي ترقي جي منصوبن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
چيئرمين پيپلز پارٽي امجد ايڊووڪيٽ کي هدايت ڪئي ته نئين حڪومت جي قيام دوران عوامي مفادن کي اوليت ڏني وڃي ۽ علائقي جي آئيني ۽ معاشي حقن جي حاصلات لاءِ موثر قدم کنيا وڃن.


