ڪراچي ٽرانسپورٽ يونين پاران هڙتال ختم ڪرڻ جو اعلان

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪراچي ٽرانسپورٽ يونين پاران هڙتال ختم ڪرڻ جو اعلان، پبلڪ ٽرانسپورٽ سڀاڻي کان معمول موجب روڊن تي هلندي.

ڪراچي ٽرانسپورٽ اتحاد ۽ ڪمشنر ڪراچي وچ ۾ ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ اهم اجلاس پڄاڻي تي پهتو آهي.

ذريعن موجب اجلاس ۾ گاڏين جي منتقلي دوران بائيو ميٽرڪ مرحلي بابت ٽرانسپورٽرن جو مطالبو مڃيو ويو، جڏهن ته ٿرڊ پارٽي انشورنس جي مد ۾ 12 هزار رپين جي ادائيگي جو معاملو به حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو ويو.

ملاقات دوران ڌرين وچ ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ مستقبل ۾ پيش رفت جو جائزو وٺڻ لاءِ پندرهن ڏينهن کانپوءِ ٻيهر ملاقات ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪراچي ٽرانسپورٽ اتحاد جلد پنهنجي نمائندن تنظيمن سان مشاورتي اجلاس ڪندو، جنهن ۾ حڪومت جي يقينن ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويندو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment