پيٽرول سستو ٿيڻ بعد سولر پينلز جي قيمتن ۾ رڪارڊ گهٽتائي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


پيٽرول ۽ ڊيزل سستو ٿيڻ کان پوءِ سولر پينلز جون قيمتون رڪارڊ گهٽجي ويون.

رپورٽ موجب ذريعن موجب مختلف واٽس جي سولر پليٽن جي قيمتن ۾ 4 کان 9 هزار رپين تائين گهٽتائي ٿي آهي.

مارڪيٽ ذريعن موجب پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي کانپوءِ ايندڙ ڏينهن ۾ سولر پينلز جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ سبب بيٽريون به مهانگيون وڪرو ٿي رهيون آهن، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي کانپوءِ بيٽرين جي قيمتن ۾ به گهٽتائي جو امڪان آهي.

مارڪيٽ ذريعن ٻڌايو آهي ته هڪ بيٽري جي قيمت 27 کان 38 هزار رپيا ٿي وئي هئي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment