ڪراچي:
شهر جي پوش علائقي ڊفينس فيز 6 ۾ مبينا طور تي هڪ سوزوڪي گاڏي بريڪ فيل ٿيڻ سبب بي قابو ٿي امام بارگاهه جي ٻاهران لڳل بيرڪيڊن کي ٽوڙي اندر داخل ٿيڻ واري دروازي سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 11 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب حادثو صبا ايونيو جي علائقي بدر ڪمرشل ويجهو پيش آيو، جتي امام بارگاهه بقيع الله ۾ جماعت ٿي رهي هئي. اکين ڏٺن شاهدن موجب تيز رفتار سوزوڪي ڪار اوچتو بي قابو ٿي دروازي ڀرسان حفاظتي بند ٽوڙي امام بارگاهه جي اندر داخل ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ اتي موجود ماڻهو زخمي ٿي پيا.
ڊي آءِ جي سائوٿ اسد رضا موجب واقعو درخشان ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو ۽ ابتدائي جاچ موجب حادثو گاڏي جي بريڪ فیل ٿيڻ سبب پيش آيو. هن چيو ته واقعي ۾ 10 عورتن سميت 11 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته سوزوڪي گاڏي ۾ سوار 4 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.
زخمين ۾ 18 ورهين جي مهين فاطمه ڌي محمد اڪرم، 20 ورهين جي مهناز ڌي شهباز حسين، 45 ورهين جي شازيه، 5 ورهين جي امان فاطمه ڌي ظفر، 40 ورهين جي ممتاز بي بي زال ظفر، 22 ورهين جي شير بانو ڌيءَ ارباب، 22 ورهين جي شير بانو ڌيءَ علي ولد علي شامل آهن. لياقت بخش اڪرم جي ڌيءَ 9 ورهين جي زينفا، 3 ورهين جي عيت ڌيءَ ماجد کوکر ۽ 45 ورهين جي ارشاد بي بي شامل آهن. اڪرم جي زال به شامل آهي.
حادثي جو اطلاع ملندي ئي ايڌي، ڇاپو ۽ ٻين امدادي ادارن جون ٽيمون موقعي تي پهچي ويون ۽ سمورن زخمين کي ابتدائي طبي امداد ڏيڻ بعد جناح اسپتال منتقل ڪيو، جتي سندن علاج هلندڙ آهي.
واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو، جڏهن ته شهرين جو وڏو انگ حادثي واري هنڌ پهچي ويو. پوليس گاڏي کي تحويل ۾ وٺي حادثي جي مختلف رخن کان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ته جيئن حادثي جا اصل سبب معلوم ڪري سگهجن.


