اسلام آباد:
قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي امپورٽ ٿيل هائبرڊ، اليڪٽرڪ ۽ لگزري گاڏين تي 30 کان 40 سيڪڙو ڪسٽم ڊيوٽي ۽ 86 کان 92 سيڪڙو اسپيشل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ جي تجويزن جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ايڪسپريس نيوز موجب قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين سيد نويد قمر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ درآمدي ۽ مقامي موبائيل فونز تي لاڳو ٽيڪس، آٽو پاليسي، اليڪٽرڪ گاڏين ۽ امپورٽ ڊيوٽي سميت اهم معاملن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو.
اجلاس ۾ پنجن سالن جي آٽو پاليسي تي به غور ڪيو ويو. ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته موجوده آٽو پاليسي 30 جون تي ختم ٿي رهي آهي.
سيڪريٽري ڪامرس ڪميٽي کي ٻڌايو ته 1800 سي سي گاڏين تي ڪل ڊيوٽي ۽ ٽيڪس 74 سيڪڙو تائين آڻڻ جي تجويز آهي جڏهن ته هن وقت انهن گاڏين تي ڪسٽم ڊيوٽي، اضافي ڪسٽم ڊيوٽي ۽ ريگيوليٽري ڊيوٽي جو گڏيل بار 156 سيڪڙو تائين پهچي ويو آهي. اهڙي طرح 1500 کان 1800 سي سي گاڏين تي ڊيوٽي جي شرح 91 سيڪڙو مان گهٽائي 57 سيڪڙو، 1000 کان 1500 سي سي گاڏين تي 76 سيڪڙو مان گهٽائي 52 سيڪڙو ۽ 850 سي سي گاڏين تي ڊيوٽي جي شرح 66 سيڪڙو مان گهٽائي 42 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
آٽو پاليسي تي بحث دوران رابطا ڪميٽي جي ميمبر جاويد حنيف خان چيو ته عوام کي ٽيڪس ۾ ڪو به رليف ناهي مليو، جنهن تي مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني سوال ڪيو ته جيڪڏهن رليف نه ڏنو ويو ته فنانس بل ۾ تبديليون ڇو ڪيون ويون.
اجلاس ۾ اليڪٽرڪ گاڏين بابت تجويزن تي به غور ڪيو ويو. ايف بي آر اختيارين جو چوڻ آهي ته 75 هزار ڊالرن تائين جي اليڪٽرڪ گاڏين تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو نه ٿيندي، جڏهن ته 2 ڪروڙ رپين کان گهٽ جي اليڪٽرڪ گاڏين کي به ايف اي ڊي کان ڇوٽ ڏني ويندي. 2 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي اليڪٽرڪ گاڏين تي ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو.
رابطا ڪميٽي جي ميمبر شاهده اختر اليڪٽرڪ چارجنگ اسٽيشنن بابت حڪومتي پاليسي تي سوال اٿاريندي چيو ته جڏهن چارجنگ اسٽيشنون ئي ناهن ته گاڏيون ڪيئن هلنديون؟ جڏهن ته پاڪستان ۾ بجلي جي صورتحال به سڀني جي سامهون آهي.
شرميلا فاروقي چيو ته حڪومت کي واضح پاليسي اختيار ڪرڻي آهي ته برقي گاڏين کي فروغ ڏيڻو آهي يا نه. حنا رباني کر چيو ته اليڪٽرڪ گاڏين تي 30 سيڪڙو ڊيوٽي اڳ ۾ نه هئي ۽ ان شعبي ۾ تيزيءَ سان جدت اچي رهي آهي جتي هر ڪجهه مهينن بعد نئين ٽيڪنالاجي اچي ٿي.
شرميلا فاروقي اليڪٽرڪ گاڏين تي نئين ٽيڪس جي مخالفت ڪندي ان کي غلط پاليسي قرار ڏنو. مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني واضح ڪيو ته نئين آٽو پاليسي ۾ 1800 سي سي تائين جي گاڏين تي اسپيشل ايڪسائيز ڊيوٽي نه لاڳو ڪئي پئي وڃي.
ايف بي آر عملدارن ڪميٽي کي ٻڌايو ته 2 هزار کان 3 هزار سي سي جي درآمدي گاڏين تي اسپيشل ايڪسائيز ڊيوٽي 86 سيڪڙو ۽ 3 هزار سي سي کان وڌيڪ امپورٽ گاڏين تي 92 سيڪڙو اسپيشل ايڪسائيز ڊيوٽي لڳائڻ جي تجويز آهي.
بلال اظهر ڪياني چيو ته حڪومت وڏين گاڏين کي سستي ڪرڻ نٿي چاهي. اجلاس ۾ ڪميٽي اليڪٽرڪ گاڏين جي امپورٽ پارٽس تي هڪ سال لاءِ هڪ سيڪڙو سيلز ٽيڪس ڇوٽ وڌائڻ جي تجويز جي منظوري ڏني.
ان کان علاوه وڏين برقي گاڏين جي درآمد تي 30 کان 40 سيڪڙو ڪسٽم ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ جي تجويز جي به منظوري ڏني وئي. ايف بي آر اختيارين موجب 75 هزار ڊالرن تائين جي امپورٽ اي ويز تي 30 سيڪڙو ڪسٽم ڊيوٽي لاڳو ڪئي ويندي جڏهن ته هڪ لک ڊالر کان وڌيڪ ماليت جي امپورٽ اي ويز تي 40 سيڪڙو ڪسٽم ڊيوٽي لاڳو ڪئي ويندي.
اسٽينڊنگ ڪميٽي امپورٽ ٿيل هائبرڊ، اليڪٽرڪ ۽ لگزري گاڏين تي 30 کان 40 سيڪڙو ڪسٽم ڊيوٽي ۽ 86 کان 92 سيڪڙو اسپيشل ايڪسائيز ڊيوٽي لڳائڻ جي تجويزن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.


