پيٽروليم ليوي جي نالي تي ساڍا هڪ مهيني ۾ عوام کان 180 ارب رپين کان وڌيڪ وصولين جو انڪشاف

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



انڪشاف ڪيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي جي نالي تي عوام کان ساڍا 180 ارب رپيا ورتا آهن. ناڻي واري وفاقي وزارت جي ذريعن موجب پاڪستان ۾ پيٽروليم شين تي لاڳو ليوي جي وصولي ۾ غير معمولي اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تازي جنگ ۽ ڇڪتاڻ جي گذريل ڏيڍ مهيني دوران پاڪستاني حڪومت پيٽروليم ليوي جي مد ۾ عوام کان 180 ارب رپين کان وڌيڪ رقم وصول ڪري چڪي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته انگن اکرن موجب جولاءِ کان هلندڙ مهيني (اپريل) جي وچ تائين پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 1234 ارب رپيا گڏ ڪيا ويا آهن. ان حوالي سان ٻڌايو ويو ته جولاءِ ۾ 157 ارب رپيا گڏ ٿيا، آگسٽ ۾ اها رقم 103 ارب 46 ڪروڙ رپيا هئي، سيپٽمبر ۾ 112 ارب 85 ڪروڙ رپيا ۽ آڪٽوبر ۾ 143 ارب 48 ڪروڙ رپيا، نومبر ۾ 148 ارب 36 ڪروڙ رپيا ۽ ڊسمبر ۾ سڀ کان وڌيڪ 162 ارب 46 ڪروڙ رپيا ماهوار گڏ ٿيا. اهڙي طرح جنوري ۾ 108 ارب 76 ڪروڙ رپيا، فيبروري ۾ 120 ارب 39 ڪروڙ رپيا ۽ مارچ ۾ 139 ارب 48 ڪروڙ رپيا گڏ ٿيا، اپريل جي پهرين 15 ڏينهن ۾ 38 ارب رپيا گڏ ڪيا ويا ۽ حڪومت جي آمدني جو وڏو حصو درآمدي شين مان آيو. هلندڙ مالي سال جي جولاءِ جي شروعات کان اپريل جي وچ تائين امپورٽ پيٽرول ۽ ڊيزل تي 598 ارب رپين کان وڌيڪ جي ليوي جمع ڪئي وئي، جولاءِ کان مارچ دوران خام تيل جي شين تي 635 ارب 19 ڪروڙ رپيا پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي جمع ڪئي وئي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment