اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ ان چيو آهي ته عالمي ڇڪتاڻ ۾ واڌ کي نظر ۾ رکندي ملڪ کي ايٽمي رياست طور برقرار رکڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي.
ميڊيا رپورٽن موجب حڪمران ورڪرز پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪم جونگ ان چيو ته ملڪ کي ايٽمي رياست جي حيثيت سان برقرار رکڻ ئي عالمي سلامتي جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جو واحد رستو آهي.
ڪم جون اُن چيو ته عالمي سطح تي ناقابل تصور ۽ حيران ڪندڙ واقعا رونما ٿي رهيا آهن ۽ اهي واقعا سامراجي قوتن جي غنڊه گردي ۽ لالچي رويي جي ڪري ٿي رهيا آهن، جنهن سبب سڄي دنيا ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ پرتشدد ٿي رهي آهي، ان جو ذميوار آمريڪا آهي.
اتر ڪوريا جي اڳواڻ آمريڪا ۽ ڏکڻ ڪوريا تي الزام هنيو آهي ته هو پنهنجي گڏيل ايٽمي هٿيارن کي اپ گريڊ ڪري ڪوريا جي جزيري جي سلامتي کي خطري ۾ وجهي رهيا آهن، جنهن جو واحد مقصد اتر ڪوريا تي حملو ڪرڻ آهي.


