آءِ سي سي انهن رانديگرن لاءِ نوان ضابطا جوڙيا آهن جيڪي پنهنجي ڪيريئر دوران ماءُ بڻجي وڃن ٿيون

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) وومين ڪرڪيٽرز جي ڀلائي لاءِ هڪ وڏو قدم اڳتي وڌائيندي حمل ۽ زچگي کانپوءِ ڪرڪيٽ ۾ واپسي لاءِ نوان گائيڊ لائين متعارف ڪرايا آهن.

انگلينڊ ۾ جاري وومينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ دوران جاري ڪيل هدايتن جو مقصد رانديگرن، ڪرڪيٽ بورڊ، ڪوچز ۽ طبي عملي کي عملي رهنمائي فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن مائرن لاءِ اعليٰ سطح تي ڪرڪيٽ کيڏڻ ۾ آساني پيدا ٿي سگهي.

آءِ سي سي جي ميڊيڪل ايڊوائيزري ڪميٽي جي ميمبر ۽ آسٽريلوي ٽيم جي ڊاڪٽر فليپا انجي موجب اهو قدم ان خيال کي هٿي ڏئي ٿو ته ٻار ڄمڻ سان عورت ڪرڪيٽر جي ڪيريئر جو خاتمو نه ٿيڻ گهرجي.

انهن هدايتن ۾ اهم پهلو شامل آهن جهڙوڪ جسماني بحالي، ذهني صحت، مرحلن واري تربيت، ڪرڪيٽ جي مخصوص فٽنيس ۽ مسلسل طبي نگراني.

ھدايتن ۾ ٻارن جي سنڀال بابت صلاح، راند جي علائقن ۾ مناسب کاڌ خوراڪ جون سهولتون، لچڪدار تربيتي ماحول ۽ سفري مدد لاءِ تجويزون پڻ شامل آھن.

واضح رهي ته ويسٽ انڊيز جي آفي فليچر ۽ پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان بسمه معروف سميت ڪيترن ئي رانديگرن جنم ڏيڻ کانپوءِ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ ڪاميابي سان واپسي ڪئي آهي، جنهن ڪري هن قدم جي اهميت وڌي وئي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment