ڪراچي:
عالمي ۽ مقامي منڊي ۾ سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو.
عالمي بلين مارڪيٽ ۾ اڄ سومر ڏينهن ڊالر جي قيمت ۾ واڌ جي نتيجي ۾ نئين عالمي قيمت 4 هزار 202 ڊالر جي سطح تي پهچي وئي.
ٻئي طرف ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن سون جو في تولو اگهه 4 هزار 643 رپيا واڌ سان 4 لک 42 هزار 636 رپيا ۽ سون جو في 10 گرام اگهه 4 هزار 179 رپيا اضافي سان 3 لک 78 هزار 345 رپيا رهيو.
اهڙي طرح عالمي مارڪيٽ ۾ چاندي جو في اونس اگهه 1 ڊالر 89 سينٽس جي واڌ سان 66 ڊالر 71 سينٽس ٿي ويو، جنهن کانپوءِ مقامي صرافه مارڪيٽن ۾ چاندي جو في تولو اگهه 189 رپيا 7 هزار 151 رپيا ۽ في 10 گرام چاندي جو اگهه به 6 هزار 179 رپيا وڌي 6 هزار 170 رپيا ٿي ويو.


