آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري امن ڳالهين کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿي آهي، جڏهن ته سيڙپڪارن جو ڌيان آبنائي هرمز ذريعي تيل جي سپلاءِ جي بحالي تي مرکوز آهي.
عالمي خبرون ڏيندڙ اداري رائٽرز موجب سومر تي برينٽ خام تيل جي قيمت ۾ 1.4 سيڪڙو گهٽتائي ٿي جنهن کانپوءِ برينٽ خام تيل جي قيمت 76.81 ڊالر في بيرل ٿي وئي. اهڙي طرح يو ايس ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ خام تيل 1.2 سيڪڙو گهٽجي 72.99 ڊالر في بيرل ٿي ويو.
ماهرن موجب آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تازي ڳالهين کانپوءِ آبنائے هرمز ۾ آئل ٽينڪرن جي ٽريفڪ آهستي آهستي بحال ٿي رهي آهي، جنهن سان عالمي مارڪيٽ ۾ سپلاءِ جا خدشا گهٽجي ويا آهن.
عالمي مالياتي اداري اين جي اين جي تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته آبنائے هرمز مان تيل جي پهچ ۾ لڳاتار واڌ سبب مارڪيٽ تي دٻاءُ وڌي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان آهي.
تازو ڳالهين کانپوءِ وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي اميد آهي. سيڙپڪار ڏسي رهيا آهن ته ڇا ٻئي ملڪ هڪ حتمي ڊيل تائين پهچن ٿا، ڇاڪاڻ ته اهو عالمي توانائي مارڪيٽن تي سڌو سنئون اثر پئجي سگهي ٿو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن آبنائے هرمز ذريعي تيل جي سپلاءِ معمول تي اچي وئي ته ايندڙ ڏينهن ۾ تيل جي قيمتن تي وڌيڪ دٻاءُ اچي سگهي ٿو پر خطي جي مجموعي صورتحال اڃا به حساس ۽ غير يقيني واري آهي.


