اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي احتجاج بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چالان پيش نه ڪرڻ تي سخت ڪارروائي ڪندي عدالت خاص اختيارين تحت ڊي آءِ جي جواد طارق کي هڪ مهيني قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا زباني حڪم جاري ڪندي چيو ته لکت ۾ حڪم بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.
عدالت موجب ڪيترن ئي نوٽيسن باوجود ڪيس جو چالان پيش ناهي ڪيو ويو. پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف مارگلا ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.


