بيروت: لبنان جي مزاحمتي گروپ حزب الله اسرائيل کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن جنگبندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ته ان جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.
ايراني پريس ٽي وي موجب حزب الله جي سياسي ڪائونسل جي نائب سربراهه محمود قمطي چيو آهي ته حزب الله اسرائيل طرفان ڪنهن به جارحاڻي ڪارروائي يا جنگ بندي جي ڀڃڪڙي جو سخت جواب ڏيندو.
محمود قمطي چيو ته حزب الله ماضي واري صورتحال ڏانهن واپس نه ويندي جڏهن اسرائيلي فوج لڳ ڀڳ روز لبنان تي حملا ڪري رهي آهي جڏهن ته حزب الله جنگ بندي جو احترام ڪندي تحمل جو مظاهرو ڪري رهي آهي.
هن زور ڏنو ته حزب الله مڪمل طور تي الرٽ آهي ۽ ڪنهن به ممڪن خلاف ورزي کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي. سندس موجب تنظيم جا ويڙهاڪ هر وقت تيار آهن ۽ اسرائيلي ڪاررواين تي ڀرپور نظر رکي رهيا آهن.
حزب الله جي سربراهه چيو ته لبنان جي خودمختياري ۽ سلامتي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن اسرائيل جنگبندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي ته ان کي ڀرپور جواب ڏيڻو پوندو.
اهو بيان هڪ اهڙي وقت ۾ آيو آهي جڏهن لبنان ۽ اسرائيل گذريل ڪجهه هفتن ۾ جنگ بندي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر ٻئي طرف هڪ ٻئي تي خلاف ورزي جا الزام لڳايا پيا وڃن.
عالمي برادري به خطي جي صورتحال تي ڀرپور نظر رکي رهي آهي ڇو ته ڪنهن به نئين ڇڪتاڻ سان وچ اوڀر ۾ امن جي ڪوششن کي نقصان پهچي سگهي ٿو.
سياسي مبصرن جي مطابق، حزب الله جي سخت موقف مان ظاهر ٿئي ٿو ته تنظيم مستقبل ۾ ڪنهن به اسرائيلي فوجي ڪارروائي جي فوري جواب جي پاليسي اختيار ڪري سگهي ٿي، سرحد جي علائقن ۾ نئين تڪرار جو خطرو وڌائي ٿو.


