ٽي 20 سيريز: بنگلاديش کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ آسٽريلوي رانديگرن جو جشن ملهائڻ واري تصوير وائرل

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


آسٽريليا ٽئين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ بنگلاديش کي شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز 0-3 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.

جڏهن ته هن سيريز ۾ پرفارمنس کان وڌيڪ سيريز کٽڻ کانپوءِ آسٽريلوي رانديگرن جو منفرد جشن مداحن جي توجه جو مرڪز بڻجي ويو.

شير بنگلا نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٽرافي وصول ڪرڻ کان پوءِ ٽم ڊيوڊ هڪ روشن سائي رنگ واري موٽر سائيڪل تي چڙهيو ۽ ٽيم جي ساٿي ميٽ رينشا سان گڏ ميدان جو چڪر لڳايو.

ٻنهي رانديگرن جي هن دلچسپ انداز اسٽيڊيم ۾ موجود تماشائن کي حيران ڪري ڇڏيو.

ٽم ڊيوڊ اڳ ۾ ئي پنهنجي منفرد ۽ غير معمولي پارٽي جي عادتن لاء مشهور آهي.

انڊين پريميئر ليگ ۾ رائل چيلنجرز بنگلورو جي نمائندگي ڪندي سندس دلچسپ جشن پڻ خاص ڌيان ڇڪايو آهي.

آسٽريليا سڄي سيريز ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري، بنگلاديش کي هر ڊپارٽمينٽ ۾ شڪست ڏئي ڪلين سوئپ مڪمل ڪيو، جڏهن ته ٽم ڊيوڊ جي سائيڪل جشن سيريز جو يادگار لمحو بڻجي ويو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment