بونير(ويب ڊيسڪ) ضلعي بونير ۾ ڪرڪيٽ ميچ دوران رانديگرن ۾ جهيڙو ٿي پيو ۽ معاملو ان حد تائين پهتو ته فائرنگ شروع ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 نوجوان مارجي ويا. پوليس موجب بونير ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جو هڪ نوجوان مارجي ويو، پر مقامي اڳواڻن جلدي ۾ ٻنهي ڌرين ۾ صلح ڪرايو ۽ علائقي کي وڌيڪ خونريزي کان بچائي ورتو. پوليس جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل ٻنهي نوجوانن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي جڏهن ته جنازي نماز جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا.
Source link

ڪرڪيٽ ميچ دوران رانديگرن ۾ جهيڙو ٿيو ۽ پوءِ فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 نوجوان مارجي ويا
Leave a Comment Leave a Comment

