فيفا تي الزامن کي درست ڪرڻ، ميسي جو سخت جواب؛ ڪو به اسان کي مفت ۾ ڪجهه نٿو ڏئي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



ارجنٽائن جي عالمي شهرت يافته فٽبالر ۽ ڪپتان ليونل ميسي فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع ۾ ارجنٽائن جي طرفداري ۽ فڪسنگ جي الزامن تي خاموشي ٽوڙيندي واضح ڪيو آهي ته ٽيم جون ڪاميابيون محنت جو نتيجو آهن ڪنهن جو احسان ناهي. انگلينڊ کي سيمي فائنل ۾ شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ليونل ميسي کان فيفا جي ارجنٽائن جي حق ۾ مبينا تعصب بابت سوال ڪيو ويو، جنهن تي هن واضح چيو ته اسان گذريل چئن سالن کان دنيا جي بهترين ٽيمن ۾ شامل آهيون، چاهي ماڻهو پسند ڪن يا نه. ميسي چيو ته اسان جيڪو ڪجهه حاصل ڪيو آهي اهو اتفاق نه آهي پر مسلسل محنت ۽ شاندار ڪارڪردگي جو نتيجو آهي، ڪنهن به اسان کي ڪجهه نه ڏنو ۽ ڪو به اسان کي مفت ۾ ڪجهه نه ڏيندو. ارجنٽائن جي اسٽار سيمي فائنل ۾ انگلينڊ خلاف فتح ليجنڊ فٽبالر ڊياگو مارادونا جي نالي ڪري ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته ڊياگو اڄ تمام گهڻو خوش هوندو. اڄوڪو ڏينهن انهن لاءِ به خاص آهي ۽ اها ڪاميابي اسان جو انهن لاءِ تحفو آهي. هن 1986ع جي ورلڊ ڪپ کي ياد ڪندي چيو ته ميراڊونا انگلينڊ خلاف تاريخي ڪارڪردگي ڏيکاري ارجنٽائن کي ناقابل فراموش فتح ڏني ۽ اڄ جي ڪاميابي به ان ئي جذبي جو تسلسل آهي. واضح رهي ته ارجنٽائن فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي سيمي فائنل ۾ انگلينڊ کي 1-2 تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو هو جتي هن جو مقابلو اسپين سان ٿيندو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment