اسلام آباد:
حڪومت اقتصادي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ درآمدي محصولن ۾ وڏي پئماني تي گهٽتائي جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب وفاقي حڪومت ملڪ ۾ معاشي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ ۽ واپاري نظام ۾ مقابلي کي وڌائڻ لاءِ 5 سالن جي نيشنل ٽيرف پاليسي 2025-30 تحت درآمدي ڊيوٽي گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
5 سالن جي نيشنل ٽيرف پاليسي 2025-30 ۾، ڪسٽم، ريگيوليٽري، اضافي ڊيوٽي ۾ وڏي پيماني تي گهٽتائي ڪئي ويندي. هن پاليسي جو بنيادي مقصد سراسري ٽريف کي 20.19 سيڪڙو کان گهٽائي 9.70 سيڪڙو ڪرڻ آهي. ان قدم سان روينيو جي مد ۾ 143 ارب رپين جو نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پارلياماني حلقن موجب ان قدم سان مارڪيٽ ۾ مقابلو وڌندو ۽ درآمدي لاڳت ۾ گهٽتائي ايندي. اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪسٽم ڊيوٽي کي 5 سالن ۾ وڌ ۾ وڌ 15 سيڪڙو تائين محدود ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. اهڙي طرح اضافي ڪسٽم ڊيوٽي کي 6 سيڪڙو کان گهٽائي صفر ڪرڻ جو منصوبو آهي.
ان کان علاوه، اها سفارش ڪئي وئي آهي ته ريگيوليٽري ڊيوٽي جي وڌ ۾ وڌ شرح کي 20 سيڪڙو تائين محدود ڪيو وڃي ۽ ان کي ختم ڪيو وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته 5 سالن ۾ درآمدي ڊيوٽي جي سراسري شرح 16.56 سيڪڙو تائين گهٽائڻ جو هدف آهي. انجنيئرنگ ڊولپمينٽ بورڊ گهريلو ۽ امپورٽ ٿيل گاڏين تي هڪ جهڙو ٽيرف لڳائڻ جي سفارش ڪئي آهي.
نئين پاليسي تحت مقامي صنعت ۽ امپورٽ مارڪيٽ کي برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. اهي سڌارا هڪ اهم قدم آهن، ٽيرف ڍانچي کي عالمي معيارن مطابق آڻڻ جي لاءِ، جنهن جو مقصد ملڪي صنعتن کي جديد بڻائڻ ۽ واپاري نظام ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ آهي.


