
زخمين سبب ڇهن اهم رانديگرن جي دستيابي باوجود آئرلينڊ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ڀارت خلاف تاريخي فتح حاصل ڪئي.
بيلفاسٽ ۾ کيڏيل پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڀارت ٽاس کٽي ميزبان آئرلينڊ کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني.
آئرلينڊ مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 182 رنسون ٺاهيون. ڪپتان لوڪران ٽڪر 50 رنسون ۽ گيرٽ ڊيلني 49 رنسون ٺاهيون.
هدف جي تعاقب ۾ ڀارتي ٽيم 148 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي. اڀيشيڪ شرما 49 رنسون ٺاهي نمايان رهيو.
ڀارت خلاف آئرلينڊ جي هن تاريخي فتح ۾ ڀارتي نژاد فاسٽ بالر جي موندرا يادگار ڊيبيو ڪيو.
هن پنهنجي پهرين انٽرنيشنل ميچ ۾ 26 رنسون ڏئي ٻه وڪيٽون ورتيون جڏهن ته پهرين بال تي سنجو سامسن کي آئوٽ ڪري سڀني جو ڌيان ڇڪايو.
هڪ ٻئي ڊيبيو ڪندڙ بالر ميٿيو هالارڊ پڻ سٺي بالنگ ڪئي ۽ 28 رنسون ڏئي ٽي وڪيٽون ورتيون ۽ کيس مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
اها فتح آئرلينڊ لاءِ مايوس ڪندڙ ورلڊ ڪپ مهم کانپوءِ هڪ وڏو واڌارو هو، جتي زمبابوي خلاف برسات متاثر ٿيندڙ ميچ سپر ايٽ اسٽيج تائين پهچڻ جون اميدون ختم ڪري ڇڏيون.
ياد رهي ته ان ڪاميابي سان آئرش ٽيم هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هو وڏين ٽيمن کي شڪست ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي، جيئن هن ماضي ۾ 2007 ۽ 2011 جي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ انگلينڊ خلاف ڪئي هئي.


