حماس جي شهيد سربراهه اسماعيل هنيه جي خاندان مان هڪ ٻيو نوجوان اسرائيل خلاف مزاحمت ۾ شهيد ٿي ويو.
عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب اسرائيلي فوج جي ترجمان دعويٰ ڪئي آهي ته غزه ۾ هوائي حملي ۾ حماس جي فوجي ونگ جي اهم ڪمانڊر وليد هنيه کي نشانو بڻايو ويو آهي.
اسرائيلي فوج جي ترجمان وڌيڪ چيو ته وليد حنيه حماس جي ايليٽ فورسز جي هڪ ڪمپني جو ڊپٽي ڪمانڊر هو ۽ ويڙهاڪن جي اڳواڻي ڪئي هئي جيڪي 7 آڪٽوبر 2023 ۾ اسرائيل تي حماس جي حملي دوران سرحد پار آپريشن ڪندا هئا.
اسرائيلي فوج جي ترجمان جو اهو به چوڻ هو ته وليد حنيه نه رڳو حملي آور گروپ کي آپريشنل هدايتون ڏئي رهيو هو پر هو اسرائيلي شهرين کي يرغمال بڻائڻ ۽ غزه منتقل ڪرڻ جي آپريشن ۾ به ملوث هو.
بيان ۾ شامل ڪيو ويو آهي ته تازو مهينن ۾، وليد حنيه حماس لاء نئين ويڙهاڪن کي ڀرتي ڪرڻ، فوج کي ٻيهر منظم ڪرڻ ۽ ايليٽ فورس جي اهلڪارن کي فوجي تربيت فراهم ڪرڻ ۾ پڻ سرگرم رهيو.
اسرائيلي فورسز جي ترجمان جو چوڻ هو ته وليد هنيه جي سرگرمين جي بنياد تي کيس اسان جو اهم فوجي ٽارگيٽ قرار ڏنو ويو آهي. انهن جو تعاقب ڪيو پيو وڃي ۽ انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي اڄ آپريشن مڪمل ڪيو ويو.
بهرحال، اسرائيلي فوج جي ترجمان حملي جي هنڌ ۽ ٻين ممڪن جاني نقصان جي تفصيل جاري نه ڪئي ۽ نه ئي اهو ٻڌايو ته آپريشن ڪهڙي انٽيليجنس جي بنياد تي ڪيو ويو.
ٻئي طرف حماس اسرائيلي دعويٰ جي فوري طور تي تصديق يا ترديد ناهي ڪئي، جڏهن ته تنظيم طرفان وليد هنيه بابت ڪو به باضابطا بيان سامهون ناهي آيو.
ياد رهي ته حماس جو سربراهه اسماعيل هنيه گذريل سال ايران جي راڄڌاني تهران ۾ هڪ حملي ۾ شهيد ٿي ويو هو، جنهن جو الزام ايران ۽ حماس پاران اسرائيل تي لڳايو ويو هو، پر اسرائيل ڪافي عرصي کان ان حوالي سان باضابطا موقف اختيار نه ڪيو هو.
واضح رهي ته اسماعيل هنيه اسرائيل سان جنگ ۾ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو آهي، جڏهن ته فلسطين جي آزاديءَ جي جدوجهد دوران سندس خاندان ۽ پيارن به پنهنجي سرزمين تي جان قربان ڪئي آهي.


