لاهور:
پنجاب ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران برسات ۽ هوائن سبب ڀتيون، ڇتون ۽ بل بورڊ ڪرڻ سبب 2 ڄڻا فوت ۽ 9 زخمي ٿي پيا.
ترجمان ريسڪيو پنجاب فاروق احمد موجب اٽڪ ۾ نئون پمپ ويجهو تيز هوائن ۽ برسات سبب ڀت ڪرڻ سبب 2 ڄڻا فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا.
خوشاب جي علائقي قائد آباد ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، جڏهن ته سرگوڌا ۾ تيز هوائن ۽ برسات سبب سائن بورڊ ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.
ريسڪيو ترجمان موجب شيخوپوره جي چوڪ رسالا روڊ تي ڪاٺ جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.
ترجمان جو چوڻ هو ته سخت زخمين کي فوري طبي امداد ڏيڻ بعد ويجهي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو، ايمرجنسي جي صورت ۾ شهري فوري طور تي ريسڪيو هيلپ لائن 1122 تي رابطو ڪن.


