ڪراچي:
شهر قائد جي علائقي رنچوڙ لائين ۾ حنفيه مسجد ڀرسان هڪ دڪان ۾ اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ دڪان ۾ موجود جنرل اسٽور ۽ بيڪري جو سامان سڙي رک ٿي ويو.
ايڌي اختيارين موجب باهه جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ادارن ۽ فائر برگيڊ کي اطلاع ڪيو ويو، جنهن بعد فائر برگيڊ جون ٻه گاڏيون فوري طور تي پهچي باهه تي ضابطو آڻڻ شروع ڪيو.
فائر برگيڊ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته باهه تي ضابطو آندو ويو آهي ۽ کولنگ جو عمل مڪمل ڪيو پيو وڃي. شروعاتي اطلاعن موجب باهه ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو پر دڪان ۾ رکيل سامان مڪمل طور سڙي رک ٿي ويو.
فائر برگيڊ موجب باهه لڳڻ جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو، جڏهن ته واقعي جي جاچ جاري آهي.


