ٻي ٽي ٽوئنٽي: انگلينڊ ڀارت کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



انگلينڊ ڀارت کي ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي پنجن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي. مانچسٽر ۾ کيڏيل ميچ ۾ انگلينڊ 191 رنسن جو هدف مقرر 19 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. ميزبان ٽيم طرفان جيڪب بيٿل 46 بالن تي 76 رنسون ٺاهي شاندار اننگز کيڏي. ٻين بيٽسمينن ۾ ڪپتان هيري برڪ 39، ٽام بينٽن 39، ول جيڪس 9 ۽ سام ڪيورن 7 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. فل سالٽ ۽ جوس بٽلر بنا ڪنهن رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. ڀارت طرفان ارديپ سنگهه 3 وڪيٽون ورتيون. اڪشر پٽيل، ورون چڪرورتي ۽ هرشت رانا 1-1 وڪيٽ ورتي. ان کان اڳ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي ڀارت مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 190 رنسون ٺاهيون. مهمان ٽيم طرفان ايشان ڪشن 49 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو. اڀيشڪ شرما 43، ڪپتان شرياس آئر 37، وبھو سوريا ونشي 14، هرشت رانا 6، شيوم دوبي 5 ۽ اڪشر پٽيل 2 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. انگلينڊ طرفان سام ڪران 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته ول جيڪس، ليام ڊوسن ۽ جوفرا آرچر هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment