سعودي ميڊيا رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين جو ايندڙ دور 11 جولاءِ تي پاڪستان ۾ شروع ٿيندو، العربيه رپورٽ موجب ڳالهين جو اهو دور ايراني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي جنازي نماز کانپوءِ شروع ڪيو ويندو، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ جو امڪان آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڳالهين دوران ايران تي لاڳو پابندين، ايران جي منجمد اثاثن جي بحالي ۽ ايراني جوهري پروگرام سميت ڪيترن ئي اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. العربيه موجب ايران ۽ آمريڪا تازو ئي قطر جي راڄڌاني دوحا ۾ سڌيون ڳالهيون ڪيون، جن کي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تعميري قرار ڏنو. رپورٽ موجب دوحه ڳالهين کانپوءِ ايران دعويٰ ڪئي هئي ته ڳالهين ۾ ڪجهه ارب ڊالرن جا منجمد اثاثا بحال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو هو پر آمريڪا ايراني دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو.
Source link

سعودي ميڊيا موجب ايران ۽ آمريڪا ڳالهين جو ايندڙ دور 11 جولاءِ کان پاڪستان ۾ شروع ٿيندو
Leave a Comment Leave a Comment

