آسٽريلوي رانديگرن جي حوصلا افزائي محمد صلاح مداحن جون دليون کٽي ورتيون

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



مصر جي اسٽار فٽبالر ۽ ڪپتان محمد صلاح آسٽريليا خلاف فتح کانپوءِ آسٽريلوي رانديگرن وٽ وڃي مداحن جون دليون کٽي ورتيون. آمريڪا جي شهر ڊيلاس ۾ کيڏيل ميچ ۾ مقرر وقت ۽ اضافي وقت ۾ مصر ۽ آسٽريليا 1-1 تان برابر رهيو، جنهن کانپوءِ فيصلو پينلٽي شوٽ آئوٽ تي ڪيو ويو. محمد صلاح مصر جي ٽئين پينالٽي تي پننڪا انداز ۾ وڏي اعتماد سان گول ڪيو. آسٽريليا جي هيري سائوٽر ۽ لوڪاس هيرنگٽن بعد ۾ اهم پينالٽيز کي مس ڪيو، جڏهن ته حسام عبدالمجيد فيصلو ڪندڙ پينلٽي گول ڪري مصر کي ايونٽ جي آخري 16 ۾ پهچايو. مصر جي فتح ٿيندي ئي مصر جا سمورا رانديگر جشن ملهائڻ لاءِ ميدان تي اچي ويا. جڏهن ته، محمد صلاح جشن ۾ شامل ٿيڻ بدران، آسٽريلوي رانديگرن ڏانهن ويو، جيڪي شڪست تي دل شڪستو هئا، انهن سان هٿ ملايو ۽ ڪجهه گلي سان حوصلا افزائي ڪئي. محمد صلاح جي اسپورٽسمينشپ جي عمل کي مداحن ۽ سوشل ميڊيا صارفين طرفان ساراهيو پيو وڃي، جتي کيس هڪ ڀيرو ٻيهر بهترين اسپورٽسمين سپرٽ جو مثال قرار ڏنو پيو وڃي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment