فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جو ٻيو ناڪ آئوٽ مرحلو اڄ شروع ٿيندو جتي آخري 16 ٽيمون ٽائيٽل جي دوڑ جاري رکڻ لاءِ پري ڪوارٽر فائنل ۾ آمهون سامهون ٿينديون.
گروپ اسٽيج ۽ راؤنڊ آف 32 جي پڄاڻيءَ کانپوءِ ٽن ميزبان ملڪن آمريڪا، ڪينيڊا ۽ ميڪسيڪو، برازيل، پيراگوئي، مراکش، ناروي، فرانس، انگلينڊ، بيلجيم، اسپين، پرتگال، سوئٽزرلينڊ، مصر، ارجنٽائن ۽ ڪولمبيا ايندڙ اسٽيج لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي.
پري ڪوارٽر فائنل ميچن جي شروعات اڄ ڪينيڊا ۽ مراڪش وچ ۾ ميچ سان ٿيندي، جڏهن ته پيراگوئي ۽ فرانس به اڄ آمهون سامهون ٿيندا.
برازيل ۽ ناروي 5 جولاءِ تي آمهون سامهون ٿيندا، جڏهن ته ميڪسيڪو جو مقابلو انگلينڊ سان ٿيندو. 6 جولاءِ تي پرتگال جو مقابلو اسپين ۽ آمريڪا جو مقابلو بيلجيم سان ٿيندو.
آخري ٻه ميچون 7 جولاءِ تي کيڏيون وينديون، جتي ارجنٽائن جو مقابلو مصر ۽ سوئٽزرلينڊ جو مقابلو ڪولمبيا سان ٿيندو.
https://www.instagram.com/p/DaW1weDkv0L/?utm_source=ig_web_copy_link&igsh=NTc4MTIwNjQ2YQ==
انهن ميچن جا فاتح ڪوارٽر فائنل تائين پهچندا.


