پاڪستان جي مشهور ڳائڻي حسن جهانگير انڪشاف ڪيو آهي ته سندس مقبول گاني ”هوا هوا“ جي شاندار ڪاميابي کانپوءِ کيس ڀارت ۾ بيحد پيار ۽ تعريف ملي آهي.
احمد علي بٽ جي پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي حسن جهانگير چيو ته پاڪستاني ميڊيا انڊسٽري کانسواءِ بالي ووڊ جي ڪيترين ئي مشهور شخصيتن سان سندس سٺا لاڳاپا هئا.
احمد علي بٽ حسن جهانگير کان سوال ڪيو ته ڇا ماضي جي مشهور ڀارتي اداڪارا ريڪا واقعي کيس پيار جو خط لکيو هو؟ جنهن تي ڳائڻي مسڪرائيندي چيو ته محبت ڪنهن به عمر ۾ ٿي سگهي ٿي پر ڪجهه شيون پرائيويٽ رهڻ گهرجن، ان ڪري هو ان بابت وڌيڪ ڪجهه چوڻ نٿو چاهي.
https://youtu.be/XL-l0mBPnt0?si=TDkYUn_paZhjwKTw&t=2480
هن چيو ته کيس ڀارت ۾ هميشه عزت ۽ پيار مليو جڏهن ته ماڌوري ڊڪشٽ، گووندا، شاهه رخ خان، سلمان خان ۽ متون چڪرورتي سميت ڪيترائي مشهور فنڪار اڄ به سندس سٺا دوست آهن ۽ هو وقت بوقت نيڪ نيتي جا پيغام ڏيندا رهندا آهن.
حسن جهانگير پنهنجي ڪيريئر جو سڀ کان وڏو افسوس ٻڌائيندي چيو ته کيس ڀارت ۾ اهم ڪردارن لاءِ ڪيتريون ئي فلمون آفرز آيون هيون، جن ۾ نيلم ۽ ماڌوري جهڙين اداڪارائن سان ڪم ڪرڻ جو موقعو به شامل هو، پر هن سموريون آڇون رد ڪري پاڪستان واپسي جو فيصلو ڪيو، جنهن جو کيس اڄ به افسوس آهي.


