گذريل سال پاڪستان جي قرضن ۾ 5 هزار 904 ارب جو اضافو ٿيو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


گذريل هڪ سال دوران پاڪستان جي اندروني ۽ بيروني قرضن ۾ 5904 ارب رپين جو اضافو ٿيو آهي.

ايڪسپريس نيوز موجب گذريل هڪ سال دوران قرضن جي بار ۾ 5 هزار 904 ارب رپين جو اضافو ٿيو آهي ۽ پاڪستان تي قرضن جو مجموعي حجم 81 هزار 949 ارب رپيا ٿي ويو آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال ۾ قرضن تي 8 هزار 54 ارب رپين جو سود به ادا ڪرڻو پوندو.

اهڙي طرح مختصر مدي وارن پرڏيهي قرضن ۾ 2 هزار 491 ارب رپين جو غير معمولي اضافو ٿيو آهي.

ٻئي طرف آڊيٽر جنرل آف پاڪستان به قرضن جي بدانتظامي تي سوال اٿاريا آهن ۽ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته قرضن جي اصل رقم جي واپسي لاءِ 83 ارب رپين کان وڌيڪ جي غير حقيقي بجيٽ رکي وئي، نتيجي ۾ غير ضروري اضافي خرچ ٿيا.

آڊٽ رپورٽ ۾ اهو به انڪشاف ڪيو ويو آهي ته حڪومت مالياتي رپورٽنگ مينوئل موجب مهيني جي قرضن ۽ نقصانن جي رپورٽ تيار نه ڪري رهي آهي، جڏهن ته اها رپورٽ هر مهيني قومي قرضن جي مجموعي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ گهربل هوندي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment