دهشتگردي ٽوڙ جي خاص عدالت مصطفيٰ عامر قتل ڪيس ۾ شريڪ جوابدار شيراز جي ضمانت واري درخواست تي استغاثه کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.
ڪراچي سينٽرل جيل جي اينٽي ٽيررازم ڪمپليڪس ۾ خصوصي عدالت ۾ مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. جيل اختيارين جوابدارن ارمغان ۽ شيراز کي عدالت ۾ پيش ڪيو.
جوابدار ارمغان جي ماءُ وڪيل تي اعتماد نه ڪندي تبديلي جي درخواست داخل ڪئي. جوابدار ارمغان جي والدين جو چوڻ هو ته مون کي وڪيل تي اعتبار ناهي، وڪيل تبديل ڪرڻو پيو.
جوابدار ارمغان عدالت آڏو جيل ۾ تشدد ۽ کليل گهر کي باهه ڏيڻ جا الزام هنيا. جوابدارن جو چوڻ هو ته جيل اختيارين تشدد ۽ بدتميزي ڪئي.
شريڪ جوابدار شيراز چيو ته ارمغان جيل ۾ پاڻ سان ڳالهيون ڪندو رهندو آهي. شريڪ جوابدار شيراز بخاري جي وڪيل خواجا عظيم ضمانت جي درخواست داخل ڪئي.
وڪيل صافي چيو ته ارمغان منهنجي ڪلائنٽ کي ٽول طور استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. منهنجو هن ڪيس سان ڪو به تعلق ناهي ۽ نه ئي ڪو ثبوت آهي. عدالت ضمانت واري درخواست تي پراسيڪيوشن کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.


