پاڪستان جي عدالتي نظام ۾ ڪرپشن جي خطرن، عدالتي آزادي ۾ گهٽتائي ۽ انساني حقن تي پوندڙ اثرن بابت نئين رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته عدليه جي مختلف شعبن ۾ ڪرپشن سرشتو بڻجي چڪي آهي، جنهن سبب شفاف ٽرائل، قانون آڏو برابري ۽ بنيادي حقن جي تحفظ کي سخت نقصان پهتو آهي. اها رپورٽ انٽرنيشنل فيڊريشن فار هيومن رائيٽس ۽ ان جي ميمبر تنظيم هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان گڏيل طور تي جاري ڪئي. رپورٽ وڪيلن، ججن، صحافين، تعليمي ماهرن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن سان ڪيل 30 انٽرويوز تي ٻڌل آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي عدالتي نظام ۾ ڪرپشن مختلف شڪلين ۾ موجود آهي، رشوت خوري، اقربا پروري، پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي فيصلا ۽ عدالتي آزادي ۾ مسلسل گهٽتائي اچي رهي آهي. انهن عنصرن عدليه جي آزادي ۽ ڪردار کي متاثر ڪيو آهي. عدالتي ڪرپشن جا اثر اقليتن ۽ عورتن تي وڌيڪ نمايان آهن.
Source link

رپورٽ موجب پاڪستان ۾ عدليه جي مختلف شعبن ۾ ڪرپشن منظم ٿي چڪي آهي
Leave a Comment Leave a Comment

