ايران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان دعويٰ کي رد ڪندي چيو آهي ته تهران ڳالهين جاري رکڻ لاءِ واشنگٽن کي ڪا به درخواست ناهي ڏني. ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان واضح ڪيو ته ايران ڳالهين جاري رکڻ لاءِ آمريڪا کي ڪا به درخواست ناهي ڏني پر قطري عملدارن جو ايران جو دورو قطر جي ثالثي ۾ قبول ڪيو ويو. برطانوي خابرو اداري رائٽرز موجب ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا گذريل مهيني طئي ٿيل مفاهمت جي ياداشت جي ڪنهن به شق جي ڀڃڪڙي ڪئي ته ايران به ساڳئي نوعيت جو متناسب جواب ڏيندو. ايران جي سرڪاري ٽي وي موجب ترجمان جو چوڻ هو ته آمريڪا طرفان ڪنهن به واعدي جي ڀڃڪڙي جو جواب گڏيل ۽ متناسب ڪارروائي جي صورت ۾ ڏنو ويندو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي هئي ته ايران آمريڪا کي ڳالهيون جاري رکڻ جي درخواست ڪئي آهي جنهن تي واشنگٽن راضي ٿي ويو هو پر هن اهو به چيو هو ته ايران سان جنگ بندي هاڻي ختم ٿي چڪي آهي. ايران جي تازي بيان کانپوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تازين سفارتي بيانن ۾ واضح تضاد سامهون آيو آهي، جڏهن ته خطي ۾ ڇڪتاڻ باوجود ثالثي جون ڪوششون جاري آهن.
Source link

ايراني پرڏيهي وزارت چيو آهي ته ايران آمريڪا کي ڳالهين جاري رکڻ جي درخواست ناهي ڪئي
Leave a Comment Leave a Comment

