آمريڪي حملن کانپوءِ ايران متحرڪ، سعودي ۽ ترڪي جي پرڏيهي وزيرن سان هنگامي رابطا

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


تهران: ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سعودي عرب ۽ ترڪي جي پرڏيهي وزيرن سان الڳ الڳ ٽيليفون ڪالون ڪيون آهن تهران: ڏکڻ ايران ۾ آمريڪا جي تازي حملن کانپوءِ.

ايراني خبر رساں ايجنسي ارنا موجب انهن رابطن دوران خطي جي تازي صورتحال، آمريڪي حملن ۽ وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

رپورٽ موجب عباس عراقچي آمريڪي حملن جي سخت مذمت ڪئي جڏهن ته سعودي پرڏيهي وزير ۽ ترڪ پرڏيهي وزير کي ايران جي موقف کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته اهي حملا ايران جي قومي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهن.

ايراني پرڏيهي وزير چيو ته ايران کي پنهنجي دفاع جو مڪمل ۽ قانوني حق حاصل آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ايراني هٿياربند فوج قومي سلامتي ۽ قومي مفادن جي تحفظ لاءِ جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو آهي ۽ اها ڪارروائي ايران جي پنهنجي بچاءَ جي حق جي تحت ڪئي وئي.

ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران خطي ۾ امن امان جي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ذريعن موجب ٻنهي ڌرين موجوده ڇڪتاڻ جي امڪاني اثرن ۽ سفارتي ڪوششن جي اهميت تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

عباس عراقچي ان موقعي تي چيو ته ايران خطي جي امن ۽ استحڪام کي قدر جي نگاهه سان ڏسندو آهي پر ڪنهن به قسم جي جارحيت يا حملي جي مقابلي ۾ پنهنجي دفاع کان دستبردار نه ٿيندو.

سياسي مبصرن موجب سعودي عرب ۽ ترڪي سان اهي اعليٰ سطحي رابطا ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ جي تناظر ۾ خطي ۾ سفارتي سرگرمين جو اهم حصو سمجهيا وڃن ٿا.





Source link

Share This Article
Leave a Comment