انگلينڊ ۽ ڀارت جي ٽن افسانوي رانديگرن کي آءِ سي سي هال آف فيم ۾ شامل ڪيو ويو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


آءِ سي سي اڳوڻي ڀارتي ڪپتان سورو گنگولي، انگلش اسٽار ڪيون پيٽرسن ۽ اڳوڻي ڀارتي وومين ڪپتان انجم چوپڙا کي هال آف فيم ۾ شامل ڪري ورتو.

تفصيل موجب اهڙو اعلان ايڊنبرا ۾ منعقد هڪ تقريب ۾ ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ هال آف فيم جي ميمبرن جو مجموعي انگ 125 ٿي ويو آهي.

ون ڊي ڪرڪيٽ ۾، گنگولي ۽ سچن ٽنڊولڪر جي اوپننگ جوڑی تاريخ جي ڪامياب ترين جوڙي هئي، جنهن ۾ 21 صدي جي پارٽنرشپ جو رڪارڊ هو.

اهڙي طرح پيٽرسن 136 ون ڊي ميچن ۾ 4440 رنسون ٺاهيون، کيس 2010 جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ انگلينڊ جي فتح دوران ٽورنامينٽ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

ڀارتي وومين ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان انجم چوپڙا ڀارت ۾ عورتن جي ڪرڪيٽ جو مضبوط بنياد رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

2016 ۾ MCC جي اعزازي تاحيات رڪنيت حاصل ڪرڻ واري پهرين هندستاني عورت ڪرڪيٽر ٿيڻ کان علاوه، هوء هندستان جي سڀ کان وڌيڪ قابل اعتماد بيٽسمينن مان هڪ هئي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment