آءِ سي سي اڳوڻي ڀارتي ڪپتان سورو گنگولي، انگلش اسٽار ڪيون پيٽرسن ۽ اڳوڻي ڀارتي وومين ڪپتان انجم چوپڙا کي هال آف فيم ۾ شامل ڪري ورتو.
تفصيل موجب اهڙو اعلان ايڊنبرا ۾ منعقد هڪ تقريب ۾ ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ هال آف فيم جي ميمبرن جو مجموعي انگ 125 ٿي ويو آهي.
𝑴 𝑩𝑒𝑒𝑒𝑒𝑒𝑒𝑒𝑒
آءِ سي سي چيئرمين جئي شاهه ايڊنبرا ۾ ڪيون پيٽرسن ۽ انجم چوپڙا کي آءِ سي سي هال آف فيم اعزاز پيش ڪيو. pic.twitter.com/tlcfTpNQma
– آئي سي سي (@ICC) 12 جولاءِ 2026
ون ڊي ڪرڪيٽ ۾، گنگولي ۽ سچن ٽنڊولڪر جي اوپننگ جوڑی تاريخ جي ڪامياب ترين جوڙي هئي، جنهن ۾ 21 صدي جي پارٽنرشپ جو رڪارڊ هو.
اهڙي طرح پيٽرسن 136 ون ڊي ميچن ۾ 4440 رنسون ٺاهيون، کيس 2010 جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ انگلينڊ جي فتح دوران ٽورنامينٽ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
ڀارتي وومين ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان انجم چوپڙا ڀارت ۾ عورتن جي ڪرڪيٽ جو مضبوط بنياد رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
2016 ۾ MCC جي اعزازي تاحيات رڪنيت حاصل ڪرڻ واري پهرين هندستاني عورت ڪرڪيٽر ٿيڻ کان علاوه، هوء هندستان جي سڀ کان وڌيڪ قابل اعتماد بيٽسمينن مان هڪ هئي.


