ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا سحر هاشمي پهريون ڀيرو کليل نموني ٽي وي ڊرامن ۾ گلا ملندڙ منظر فلمائڻ تي ٿيندڙ تنقيد تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي.
ڊرامي ”ظلم“ سان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪندڙ سحر هاشمي ان کان اڳ فيشن ۽ لائف اسٽائل سان لاڳاپيل مواد ٺاهيندي هئي.
بعد ۾ هن ”من مست ملنگ“، ”زنجير“ ۽ ”شيدائي“ جهڙن ڊرامن سان خاصي شهرت ماڻي.
بهرحال ڊرامن ۾ ڀاڪر پائڻ وارا منظر فلمائڻ لاءِ کيس پاڪستاني عمران هاشمي سڏيو ويو، جنهن تي هن تازو هڪ انٽرويو ۾ چيو ته هن صرف اهي منظر ڪيا آهن جيڪي اسڪرپٽ جو حصو هئا ۽ ڊائريڪٽر جي ويزن موجب فلمايا ويا آهن.
سحر هاشمي چيو ته هر اداڪار ڪردار جي ضرورت موجب ڪم ڪندو آهي ان ڪري رڳو مٿس تنقيد ڪرڻ مناسب ناهي.
بهرحال، هن اعتراف ڪيو ته جيڪڏهن ناظرين کي اهڙا منظر پسند نه ڪيا ويا ته هوء مستقبل ۾ وڌيڪ محتاط ٿي ويندي.


