زيارت سانحي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن جي وارثن جو ڌرڻو ڇهين ڏينهن به جاري آهي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪوئيٽا:

زيارت سانحي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن جي وارثن جو ڌرڻو اڄ ڇهين ڏينهن به جاري آهي.

گذريل ڏينهن حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي ۽ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن وچ ۾ ڳالهيون بنا ڪنهن اڳڀرائي جي ختم ٿي ويون. گهرو وزير ضياءُ الله لانگو ۽ صحت واري وزير بخش ڪاڪڙ تي مشتمل حڪومتي وفد رات دير تائين وارثن سان ڳالهيون جاري رکيون.

حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي موجب وفد سانحي زيارت تي عدالتي ڪميشن جي قيام سميت ٻين مطالبن تي اڳڀرائي کان وارثن کي آگاهه ڪيو. مذاڪراتي ڪميٽي چيو ته بلوچستان حڪومت وارثن جا سمورا جائز مطالبا مڃڻ لاءِ تيار آهي ۽ ڌرڻو ڪميٽي سان هر ممڪن تعاون ڪيو ويندو.

ٻئي طرف ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن ۽ سمورين پارٽين 15 جولاءِ تي سڄي صوبي ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪيو آهي، ان کان علاوه 16 جولاءِ تي ڌرڻي ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شرڪت ڪندا، جڏهن ته 17 جولاءِ تي بلوچستان ۾ شٽر ڊائون هڙتال ڪئي ويندي.

حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي سانحي جي شهيدن جي وارثن ۽ آل پارٽيز ڌرڻي ڪميٽي کي اپيل ڪئي آهي ته هو ڌرڻو ختم ڪري 7 شهيدن کي دفن ڪن، جڏهن ته ان حوالي سان ڳالهيون جاري آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment