افغانستان ۾ خوراڪ جو بحران سنگين، 90 سيڪڙو ٻارڙا متاثر، يونيسيف جي نئين رپورٽ جاري

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


طالبان جي حڪومت جي ناقص پاليسين ۽ انتظامي نااهلي عوام خاص ڪري ٻارن جو مستقبل داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي.

گڏيل قومن جي اداري يونيسيف افغانستان ۾ خوراڪ جي بحران جي حوالي سان ايمرجنسي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. يونيسيف جي تازي رپورٽ موجب افغانستان ۾ وڏي پئماني تي خوراڪ جي عدم تحفظ، خراب صحت ۽ صاف پاڻي جي کوٽ سبب ٻار خوراڪ جي شديد بحران جو شڪار آهن.

افغانستان ۾ ڪيل هڪ سروي ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته لڳ ڀڳ 3.7 ملين افغان ٻار سخت خوراڪ جي عدم تحفظ جو شڪار آهن، 90 سيڪڙو افغان ٻارن کي روزاني غذا ۾ اهي غذائي جزا نه ملندا آهن جيڪي انهن کي صحتمند نشونما لاءِ گهربل هونديون آهن.

85 سيڪڙو ٻار جن کي تڪڙي علاج ۽ اضافي خوراڪ جي ضرورت آهي انهن جي عمر ٻن سالن کان گهٽ آهي. خوراڪ جي شديد بحران سبب افغان ڇوڪرين ۾ جسماني ڪمزوري ۽ بيچيني جي شرح ڇوڪرن جي مقابلي ۾ خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي.

هن شديد غذائي کوٽ سبب ٻارن جي موت ۽ جسماني ڪمزوريءَ جو خطرو 6 ڀيرا وڌي ويو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment