اسلام آباد:
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي جي اميدوار مشيل بيچليٽ ملاقات ڪئي آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي موجب پرڏيهي وزير ملاقات ۾ ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن، اصولن، عالمي قانون ۽ عالمي معاهدن جو احترام ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. اقوام متحده کي ترقي پذير ملڪن جي ضرورتن مطابق موثر ۽ جوابده ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
نائب وزيراعظم چيو ته پائيدار عالمي امن لاءِ تڪرارن جو حل سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي مڪمل عملدرآمد سان ممڪن آهي. ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين جي تڪرارن جو حل به گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ٿيڻ گهرجي.
ان موقعي تي مشيل بيچليٽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن کي ساراهيو. هن گڏيل قومن جي لاءِ پاڪستان جي گرانقدر خدمتن ۽ ڪردار کي به خراج تحسين پيش ڪيو.


