ڀارتي اداڪار مزمل ابراهيم اداڪارا دپيڪا پڊوڪون بابت پنهنجي پراڻي انٽرويو جي وائرل ڪيل ڪلپس تي وضاحت جاري ڪندي چيو آهي ته سندس بيان کي سياق کان ٻاهر پيش ڪيو پيو وڃي.
2025ع ۾ مزمل ابراهيم جي رڪارڊ ڪيل ان انٽرويو جا ڪجهه حصا گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي ٻيهر گردش ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ مزمل دعويٰ ڪئي هئي ته ديپيڪا کيس ڪيريئر جي شروعاتي دور ۾ پروپوز ڪيو پر ان وقت هن اها آڇ قبول نه ڪئي.
ان بيان کانپوءِ کيس سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو.
انسٽاگرام تي پنهنجي بيان ۾ مزمل جو چوڻ هو ته وائرل ڪلپس مڪمل گفتگو جي عڪاسي نه ڪنديون آهن پر ايڊيٽنگ اصل پس منظر ۽ احترام واري انداز کي وڃائي چڪي آهي.
هن چيو ته هو پنهنجي ماضيءَ سان لاڳاپيل ماڻهن جي باري ۾ هميشه عزت سان ڳالهائيندو آهي ۽ ڪنهن سان به ڪو بڇڙو جذبو ناهي رکندو.
مزمل ان ئي انٽرويو ۾ اهو به چيو هو ته لاڳاپا ختم ٿيڻ کان پوءِ به هو ۽ دپيڪا ڪڏهن ڪڏهن رابطي ۾ رهيا، ٻئي هڪ ٻئي کي پنهنجي پروفيشنل ڪاميابين تي مبارڪون ڏيندا رهيا پر دپيڪا جي شادي کانپوءِ سندن رابطو ختم ٿي ويو.
واضح رهي ته دپيڪا پڊوڪون 2018 ۾ رنوير سنگهه سان شادي ڪئي هئي ۽ ٻئي پنهنجي ٻئي ٻار جا والدين ٿيڻ وارا آهن.


