ڪراچي:
عمري جي ويزا تي آيل عورت مسافر کي آف لوڊ ڪيو ويو، گذريل دورن تي سعودي عرب ۾ غير اخلاقي سرگرمين ۾ ملوث هئي.
ترجمان موجب ايف آءِ اي اميگريشن ڪراچي سعودي عرب جي عمري جي ويزا تي آيل عورت مسافر کي آف لوڊ ڪري ڇڏيو، جنهن جي سڃاڻپ انعم طور ٿي آهي، جيڪا پاڪستاني پاسپورٽ تي عمري جي ويزا تي سعودي عرب وڃي رهي هئي.
اميگريشن ڪليئرنس دوران عورت مسافر کي شڪي سفري ڄاڻ جي بنياد تي وڌيڪ جاچ ۽ انٽرويو لاءِ روڪيو ويو، جنهن دوران هن انڪشاف ڪيو ته هن سعودي عرب ۾ رهندڙ پنهنجي دوست الياس کي ويزا جي بندوبست لاءِ درخواست ڪئي هئي.
عورت مسافر اعتراف ڪيو ته هوءَ اڳ 2 ڀيرا سعودي عرب وئي هئي، جتي هر ڀيري 3 مهينا رهي ۽ غير اخلاقي سرگرمين ۾ ملوث رهي. هن جي گذريل ٻنهي سفرن جا انتظام سعودي عرب ۾ رهندڙ ذيشان ڪيا هئا، جڏهن ته ماني نالي هڪ شخص دمام ۾ سندس استقبال ڪيو ۽ سندس رهائش جو بندوبست ڪيو.
عورت مسافر وڌيڪ ٻڌايو ته هن سرگرمي لاء هر مهيني تقريبا 1.5 لک رپيا ادا ڪيا ويا، جڏهن ته ويزا ۽ سفر خرچ سندس آمدني مان ڪٽيو ويو. عورت وڌيڪ انڪشاف ڪيو ته هاڻوڪي دوري جا سمورا انتظام الياس ڪيو هو ۽ هن ڀيري ايجنٽ بدران پاڻ ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو.
ترجمان موجب عورت جي موبائيل فون جي جاچ دوران ڪيترائي وائس ميسيجز ۽ تصويرون هٿ ڪيون ويون، جن ۾ هن پنهنجي اڳوڻي سرگرمين ۽ هاڻوڪي سفر جي مقصد جو اعتراف ڪيو. شروعاتي جاچ موجب ڪيس جو تعلق انساني اسمگلنگ ۽ تجارتي جنسي استحصال سان لڳي ٿو.
ايف آءِ اي اميگريشن اهلڪارن عورت مسافر کي آف لوڊ ڪري وڌيڪ جاچ ۽ قانوني ڪارروائي لاءِ اينٽي هيومن اسمگلنگ سرڪل ڪراچي منتقل ڪري ڇڏيو آهي.


