وومينز انڊر 19 ٽي 20: ڏکڻ آفريڪا پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



وومينز انڊر 19 ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پهرين ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا پاڪستان کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ڏکڻ آفريڪا 104 رنسن جو هدف 16 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. اڱاري ڏينهن نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏيل پنجن ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين فلڊ لائيٽ ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو شروعات ۾ درست ثابت نه ٿيو. پاڪستان کي پهرئين ٻن اوورن ۾ صفر جي اسڪور تي 3 وڪيٽون وڃائڻيون پيون، پهرين اوور جي ٻي بال تي اوپنر روول خان ڏکڻ آفريڪي بالر ميان کي ڪيچ آئوٽ ڪري ڇڏيو، ساڳئي اوور جي آخري بال تي رحمه سيد به بنا ڪنهن رنسون ٺاهي بولڊ ٿي ويو. ٻئي اوور جي ٻئي بال تي اوپنر ڪومل خان ايشلي جو شڪار ٿي ويو. پاڪستان کي چوٿون نقصان 15هين اوور جي پنجين بال تي ٿيو جڏهن ذوفشان اياز 61 رنسن جي مجموعي اسڪور تي آئوٽ ٿي وئي. ذوفشان 40 بالن تي 30 رنسون ٺاهيون جنهن ۾ 4 چوڪا شامل هئا. هو ميليسا جو شڪار ٿي ويو. اقصيٰ حبيب به 82 رنسن تي 38 رنسون ٺاهي ايشلي جو شڪار ٿي وئي. هن 50 بالن کي منهن ڏنو ۽ 6 چوڪا هنيا. اننگز جي آخري اوور جي آخري بال تي ايشلي ڪپتان فضا فياض جي وڪيٽ ورتي. فضا رياض 14 بالن تي 14 ۽ شهر بانو 8 بالن تي 18 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهي. شهر بانو به اننگز ۾ 2 چوڪا ۽ 6 ڇڪا هنيا. ڏکڻ آفريڪا طرفان ايشلي 15 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون حاصل ڪيون، ميان 21 رنسون ڏئي 2 ۽ مليسا 17 رنسون ڏئي هڪ وڪيٽ ورتي. ميزبان ٽيم جي اڳواڻي فضا فياض ڪري رهي آهي. کاٻي هٿ جي آف اسپنر مهيم نزاکت پاڪستان لاءِ ڊيبيو ڪيو. سيريز جي ٻي ميچ جمعي تي کيڏي ويندي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment