وفاقي حڪومت جوڊا آٽو پاليسي ۾ هڪ سال جي واڌ جو امڪان آهي ڇو ته آٽو پاليسي تي آءِ ايم ايف ۽ ٽيرف پاليسي بورڊ سان ڳالهيون اڃا تائين ڪامياب ناهن ٿيون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته صنعت ۽ پيداوار واري وزارت آءِ ايم ايف جي مشاورت سان نئين آٽو پاليسي جو موثر دفاع نه ڪري سگهي آهي ۽ نئين آٽو پاليسي تي اتفاق نه ٿيڻ سبب حڪومت موجوده آٽو پاليسي ۾ هڪ سال واڌ ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين پاليسي کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ آءِ ايم ايف سميت لاڳاپيل ادارن سان وڌيڪ مشاورت جاري رهندي.
ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته گاڏيون ٺاهيندڙ ڪمپنيون گاڏين جي برآمد لاءِ مقرر ڪيل هدف حاصل ڪرڻ ۽ ڪيتريون ئي مقامي گاڏيون عالمي معيار مطابق بڻائڻ ۾ به ناڪام ويون آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم نئين آٽو پاليسي کي سيڙپڪار دوست بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي، جنهن تحت نئين آٽو پاليسي تي ايف بي آر، واپار واري وزارت، قانون واري وزارت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت سان مشاورت ڪئي پئي وڃي.
نئين آٽو پاليسي جو مقصد جديد ٽيڪنالاجي، برآمدات ۽ آٽو شعبي ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ آهي. نئين پاليسي ۾ صارفين کي محفوظ، معياري ماحول دوست گاڏيون فراهم ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويندو ۽ نئين آٽو پاليسي ۾ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ، صنعتي سرگرميون وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته مقامي طور تي تيار ٿيندڙ گاڏين ۾ عالمي معيار جي حفاظتي معيار کي لازمي بڻائڻ جي به تجويز ڏني وئي آهي.
نئين پاليسي تحت عالمي معيار جي حفاظتي شرطن کي پورو نه ڪرڻ تي ڪمپنين تي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو. اليڪٽرڪ گاڏين، پلگ ان هائبرڊ، هائبرڊ گاڏين جي واڌاري لاءِ خاص قدم شامل ڪيا ويندا. درآمد ٿيل ۽ مقامي گاڏين لاءِ 62 عالمي حفاظتي معيارن تي عمل درآمد کي يقيني بڻائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.


