اسلام آباد:
وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ سبب پاڪستان سعودي عرب کان 6.7 بلين ڊالر جي رعايتي تيل جي مالياتي پيڪيج جي درخواست ڪئي آهي ته جيئن عالمي منڊي ۾ تيل جي بلند قيمتن جي امڪاني اثرن کي منهن ڏيڻ ۽ توانائي جي سلامتي کي يقيني بڻائي سگهجي.
دي ايڪسپريس ٽربيون سان ڳالهائيندي اقتصادي معاملن واري وزارت جي ترجمان ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ سعودي عرب کان موخر ادائيگي تي تيل جي فراهمي بابت سهولت تي غور ڪيو پيو وڃي.
ذريعن موجب پاڪستان سعودي عرب کان 15 سالن جي مدي لاءِ هڪ سيڪڙو شرح سود تي 6.7 بلين ڊالر جي آئل فنانسنگ جي سهولت طلب ڪئي آهي. ان حوالي سان وزارتي سطح تي به ڳالهيون ٿيون آهن.
پاڪستان قرض جي واپسي کان اڳ 5 سالن جي رعايتي مدت ۽ قرض جي واپسي لاءِ مجموعي طور 15 سالن جي تجويز ڏني آهي. اقتصادي معاملن واري وزارت جي ترجمان چيو ته معاملو ٻنهي حڪومتن وچ ۾ غور هيٺ آهي.
هن اها ڳالهه هڪ سوال جي جواب ۾ چئي ته ڇا پاڪستان سعودي فنڊ فار ڊولپمينٽ (ايس ايف ڊي) کان هڪ سيڪڙو جي شرح سود تي 15 سالن جي تيل جي مالي مدد جي باضابطه درخواست ڪئي آهي.
سعودي عرب 2019 کان پاڪستان کي هڪ سال جي مهلت واري ادائيگي تي تيل فراهم ڪري رهيو آهي، ان حوالي سان آخري معاهدو فيبروري 2025 ۾ ٿيو هو، جيڪو اپريل 2025 ۾ ختم ٿي ويو.
ان کان اڳ سعودي ڊولپمينٽ فنڊ ۽ اقتصادي معاملن واري وزارت جي ان وقت جي سيڪريٽري وچ ۾ 1.2 بلين ڊالرن جو تيل امپورٽ فنانسنگ معاهدو ٿيو.
وزارت جي اختيارين موجب، پاڪ-سعودي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ کان اڳ ان سهولت تي سود جي شرح 6 سيڪڙو تي اتفاق ڪيو ويو هو.
2019ع کان وٺي، سعودي فنڊ فار ڊولپمينٽ پاڪستان کي تيل جي درآمد لاءِ مجموعي طور تي 6.7 بلين ڊالر جي مالي مدد ڏني آهي. حڪومتي ذريعن موجب پاڪستان ايندڙ ڪجهه سالن ۾ پنهنجي پرڏيهي قرضن جي واپسي جي بار کي گهٽائڻ لاءِ مختلف آپشنز تي به غور ڪري رهيو آهي، خاص طور تي چين کان حاصل ڪيل توانائي منصوبن لاءِ، ايندڙ ڪجهه سالن ۾.
آفيسرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن انهن قرضن جي واپسي لاءِ ڪو قابل عمل حل ڳوليو ويو ته ايندڙ سال سيپٽمبر ۾ آءِ ايم ايف جو موجوده پروگرام ختم ٿيڻ کانپوءِ نئين پروگرام جي ضرورت گهٽجي سگهي ٿي.
اسٽيٽ بئنڪ موجب پاڪستان گذريل مالي سال جي جولاءِ کان مئي جي عرصي دوران 14 ارب ڊالرن جي پيٽروليم مصنوعات درآمد ڪئي.
مائع قدرتي گئس (LNG) جي درآمدن ۾ 1.2 بلين ڊالر جي گهٽتائي سبب ڪل درآمدات گذريل سال جي سطح تي لڳ ڀڳ رهي.
چين کان پوءِ سعودي عرب پاڪستان جو وڏو ٻه طرفي مالي مددگار بڻجي اڀري آيو آهي. تازو، سعودي فنڊ فار ڊولپمينٽ پڻ پاڪستان کي 3 بلين ڊالر جي مختصر مدت جي رقم فراهم ڪئي آهي ته جيئن يو اي اي کي قرض جي واپسي ۾ مدد ڪري سگهجي.
آچر ڏينهن ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس لغاري سعودي ناڻي واري وزير محمد بن عبدالله الجدعان سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفي اقتصادي ۽ توانائي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
سعودي عرب به آءِ ايم ايف کي پاڪستان ۾ نقد رقم برقرار رکڻ جي خاطري ڪرائي رهيو آهي. هلندڙ سال جولاءِ جي شروعات تائين پاڪستان ۾ سعودي عرب جا ڪل نقد ذخيرا 8 ارب ڊالرن تائين پهچي ويا آهن.
تازو 1.3 بلين ڊالرن جي قرض جي منظوري کانپوءِ جاري ڪيل بيان ۾ آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر چيو ته پاڪستاني اختيارين پنهنجي ٻطرفي ۽ گهڻ طرفي ڀائيوارن خاص ڪري چين ۽ سعودي عرب جي مسلسل مالي مدد ۽ اعتماد کي ساراهيون ٿا.
گذريل مالي سال دوران، سعودي عرب اوورسيز پاڪستانين جي ترسيل جو سڀ کان وڏو ذريعو هو، جنهن 9.8 بلين ڊالر واپس موڪليا، جيڪو پاڪستان کي وصول ڪيل مجموعي رقم جو 24 سيڪڙو آهي.


