بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان جي جوانيءَ جي ڏينهن جون ڪجهه ناياب بليڪ اينڊ وائيٽ تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن.
شاهه رخ خان جي ويجهن دوست ۽ اداڪار امر تلوار سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي ڪجهه پراڻيون تصويرون شيئر ڪيون، جيڪي ان وقت ورتيون ويون جڏهن شاهه رخ بالي ووڊ ۾ قدم نه رکيو هو.
اهي نوجوان تصويرون هڪ ٽرين تي ورتيون ويون جڏهن بالي ووڊ جو بادشاهه پنهنجي ٿيٽر ٽولي دوستن سان گڏ ڪولڪتا ۾ اسٽيج پرفارمنس لاءِ وڃي رهيو هو.
مداحن کي اداڪار جي هن لاپرواهي، شرارتي ۽ مسڪرائيندڙ نظر کي پسند اچي رهيو آهي ۽ ريل کي هن وقت تائين ڪيترائي لائيڪ ۽ شيئر ملي چڪا آهن.


