وزيراعظم برآمدات وڌائڻ لاءِ فوري قدم کڻي، پاڪستان ٽيڪسٽائل ڪائونسل

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


اسلام آباد:

پاڪستان ٽيڪسٽائل ڪائونسل وزيراعظم کان برآمدات وڌائڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

پاڪستان ٽيڪسٽائل ڪائونسل (پي ٽي سي) چيو آهي ته مالي سال 2025-26 ۾ ٽيڪسٽائل جي برآمدات ۾ رڳو 0.26 سيڪڙو واڌ ٿي 17.93 بلين ڊالر ٿي وئي. جون 2026ع ۾ ٽيڪسٽائيل جي برآمدات ۾ سالانه بنيادن تي 16.71 سيڪڙو گهٽتائي ٿي. واپاري لاڳت ۾ اضافو برآمدات ۾ جمود جو بنيادي سبب آهي.

پاڪستان ٽيڪسٽائل ڪائونسل چيو آهي ته صنعتي بجلي جي قيمتن ۽ وڌندڙ مالي بار سبب عالمي مسابقت متاثر ٿي رهي آهي، ايڪسپورٽ ري فنانس اسڪيم تي فوري عملدرآمد نه ٿيڻ سبب برآمد ڪندڙ متاثر ٿي رهيا آهن، ڪپهه جي پيداوار 5.5 ملين بيلز تائين گهٽجي وئي آهي، حڪومت صنعتي بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري ايڪسپورٽ ري فنانس اسڪيم تي فوري عملدرآمد ڪري.

اي او بي آءِ ۾ ملازمن جي حصي جي شرح کي 2 سيڪڙو تائين آڻڻ جو مطالبو

ڪائونسل EOBI ۾ ملازمن جي حصي جي شرح کي 2 سيڪڙو تائين آڻڻ جو مطالبو پڻ ڪيو.

ڪونسل جي اڳواڻ فواد انور چيو ته بروقت فيصلا نه ڪيا ويا ته برآمدات جو جمود وڌيڪ ٿي سگهي ٿو، ٽيڪسٽائيل انڊسٽري رعايتون نه پر عالمي سطح تي برابري جا موقعا چاهي ٿي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment