پاڪستان هاڪي فيڊريشن ملڪ ۾ وومين هاڪي جي فروغ لاءِ هڪ ٻيو وڏو سنگ ميل عبور ڪري ورتو آهي.
تفصيل موجب هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي کانپوءِ اسلام آباد ۾ پهريون ڀيرو قومي انڊر 21 وومين هاڪي چيمپيئن شپ ڪاميابي سان منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سڄي ملڪ مان 16 ٽيمن جي 300 باصلاحيت نوجوان رانديگرن حصو ورتو.
هن ٽورنامينٽ کي پاڪستان ۾ عورتن جي هاڪي جي بحاليءَ لاءِ هڪ تاريخي قدم قرار ڏنو پيو وڃي.
چيمپيئن شپ دوران ئي پاڪستان کي انٽرنيشنل هاڪي فيڊريشن (FIH) طرفان جونيئر وومينز ٽيم کي عمان ۾ ٿيندڙ انٽرنيشنل ٽورنامينٽ ۾ موڪلڻ جي فوري دعوت ملي.
پاڪستان هاڪي فيڊريشن سخت وقت جي بحران جي باوجود صرف ٽن کان چئن ڏينهن ۾ ٽيم جي سليڪشن مڪمل ڪري عمان ڏانهن روانو ڪيو.
جيتوڻيڪ رانديگرن کي گڏجي ٽريننگ ڪرڻ ۽ ٽيم ڪمبينيشن ٺاهڻ لاءِ ٿورو وقت مليو، پر هنن بيحد عزم، جذبي ۽ حوصلي سان ميدان تي پاڪستان جي نمائندگي ڪئي.
ميچن جا نتيجا پاڪستان جي حق ۾ نه رهيا پر نوجوان رانديگرن جي ڪارڪردگي حوصلا افزائي واري هئي.
پاڪستاني ٽيم ٽورنامينٽ جي چئن مان ٻن ميچن ۾ ’پليئر آف دي ميچ‘ جو ايوارڊ حاصل ڪري ثابت ڪيو ته وٽس ٹیلنٽ جي ڪا به کوٽ ناهي.

پاڪستان هاڪي فيڊريشن عورتن جي هاڪي جي ترقي لاءِ مڪمل طور پرعزم آهي.
پي ايڇ ايف انٽرنيشنل هاڪي فيڊريشن کان جونيئر رانديگرن لاءِ استاد ۽ ماهر ڪوچ فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.
ان کان علاوه، پاڪستان جي نيشنل هاءِ پرفارمنس ڪوچنگ ٽيم ايندڙ مهينن ۾ انهن رانديگرن ۽ ٻين نوجوان ڇوڪرين کي سڄي ملڪ ۾ تربيت ۽ رهنمائي فراهم ڪندي.
پي ايڇ ايف جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اها رڳو شروعات آهي. انهن نوجوان رانديگرن جي حوصلي اسان جي يقين کي مضبوط ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ عورتن جي هاڪي جو مستقبل تمام روشن آهي.
انشاءَ الله جڏهن ايندڙ نيشنل انڊر 21 وومين هاڪي چيمپيئن شپ منعقد ٿيندي ته اسان صرف 16 ٽيمن تائين محدود نه رهنداسين پر اسان جو مقصد آهي ته ان مقابلي کي پاڪستان جي سمورن علائقن مان 32 ٽيمن تائين پهچايون ته جيئن اسان جي ڌيئرن کي پنهنجن صوبن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ جا وڌيڪ موقعا ملن ۽ عالمي سطح تي اڳتي وڌن.


