حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ٽن ڏينهن لاءِ واڌ ڪري ڇڏي آهي.
توانائي واري وزارت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا 44 پئسا في ليٽر ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 31 رپيا 5 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي آهي.
توانائي واري وزارت (پيٽروليم ڊويزن) طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب تازي واڌ کانپوءِ پيٽرول جي قيمت 316 رپيا 15 پئسا في ليٽر جڏهن ته ڊيزل جي قيمت 354 رپيا 35 پئسا في ليٽر تي پهچي وئي آهي.
نيون قيمتون رات 12 وڳي کان سڀاڻي رات تائين لاڳو هونديون.


