پاڪستان ۽ چين لائيو اسٽاڪ ۽ گوشت جي برآمد جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


پاڪستان ۽ چين لائيو اسٽاڪ ۽ گوشت جي برآمد جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي.

پاڪستان جو لائيو اسٽاڪ جو شعبو جديد سڌارن، ٽيڪنالاجي ۽ عالمي پارٽنرشپ ذريعي ترقي جي نئين راهه تي گامزن آهي. نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين چين جي وفد سان اعليٰ سطحي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن گوشت جي برآمد کي وڌائڻ ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي جي ترقي لاءِ گڏيل قدمن تي اتفاق ڪيو.

ان تعاون تحت پاڪستان ۾ جديد ذبح خانن جو قيام، گوشت پروسيسنگ جون سهولتون ۽ ايڪسپورٽ انفراسٽرڪچر کي فروغ ڏنو ويندو، پاڪستان چين کي اعليٰ معيار جي حلال گوشت جي برآمد کي وڌائڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي، کولڊ چين ۽ ٽريسيبلٽي سسٽم کي بهتر بڻائيندو.

وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته پاڪستان وٽ لائيو اسٽاڪ جا وسيع اثاثا آهن ۽ اعليٰ معيار جو حلال گوشت تيار ڪرڻ جي صلاحيت آهي.

پاڪستان جي لائيو اسٽاڪ جي صلاحيت کي ساراهيندي چيني وفد ميٽ پروسيسنگ، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ ايڪسپورٽ انفراسٽرڪچر ۾ تعاون ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment