وفاقي وزير چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن جو روزانو فيصلو عوام کي سياسي خرچن ۽ اٿل پٿل کان بچائڻ آهي.

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read


پيٽروليم صنعت ۽ ڀائيوارن پيٽرول جي قيمتن جي نئين نظام جي آجيان ڪئي آهي جڏهن ته وفاقي وزير چيو ته حڪومت پيٽروليم صنعت جي پائيدار استحڪام لاءِ عوامي مفاد ۾ قدم کڻي رهي آهي.

ايڪسپريس نيوز موجب پيٽروليم واري وفاقي وزير پيٽروليم قيمتن جي نظام تي انڊسٽري پارٽنرز سان روزاني مشاورتي اجلاس منعقد ڪيو جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن نئين نظام جي آجيان ڪئي.

اجلاس ۾ آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا)، آئل ڪمپنيز ايڊوائيزري ڪائونسل، آئل مارڪيٽنگ ايسوسيئيشن آف پاڪستان، ريفائنريز، آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيز ۽ پيٽروليم ڊويزن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته نئين نظام تحت پيٽروليم شين جي قيمتن جو تعين حقيقي مارڪيٽ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي شفاف فارمولي ذريعي ڪيو ويندو، ان نظام مان منافعي، استحصال ۽ غير معمولي مالي فائدو حاصل ڪرڻ جو دائرو گهٽجي ويندو.

هن چيو ته نئين نظام تحت عوام کي سياسي مصلحتن سبب ٿيندڙ اگهن ۾ واڌ کان بچايو ويندو. اهي سڌارا حڪومت جي قدم قدم ڊي ريگيوليشن واري حڪمت عملي جو هڪ اهم حصو آهن، جنهن کي وزيراعظم جي هدايت تي متعارف ڪرايو پيو وڃي ته جيئن حڪومتي مداخلت کي گهٽائي سگهجي. روزاني قيمتن جي نظام تي عملدرآمد لاءِ ايس او پيز صنعت ۽ اوگرا جي مشاورت سان تيار ڪيا پيا وڃن.

اجلاس ۾ اوگرا، او سي اي سي، او ايم پي، ريفائنريز ۽ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين نئين نظام بابت تجويزون ۽ رايا پيش ڪيا.

ويگرا اجلاس کي ٻڌايو ته ايجنسي نئين روزاني قيمتن جي نظام کي لاڳو ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن جي بروقت پڌرائي لاءِ پنهنجي سسٽم کي اپ گريڊ ڪري رهي آهي.

اجلاس ۾ سپلائي چين، انوینٽري مئنيجمينٽ ۽ ريئل ٽائيم ڊيٽا جي دستيابي سميت نئين نظام تي عملدرآمد بابت عملي معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.

پيٽروليم واري وزير چيو ته روزاني قيمتن جي نظام کي لاڳو ڪرڻ لاءِ خاص ڪميٽي جوڙي ويندي، سمورا عملي مسئلا اتفاق راءِ سان حل ڪيا ويندا. هن پيٽروليم ڊويزن ۽ اوگرا کي هدايت ڪئي ته هو صنعتڪارن سان وڌيڪ مشاورتي اجلاس منعقد ڪن ۽ ٽيڪنيڪل مسئلن کي حتمي شڪل ڏين.

وفاقي وزير چيو ته حڪومت عوام جي مفاد سان گڏوگڏ پيٽروليم صنعت جي پائيدار استحڪام لاءِ پرعزم آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment