فيفا ورلڊ ڪپ فائنل کان اڳ نيويارڪ ۽ نيو جرسي ۾ ايمرجنسي الرٽ جاري!

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي فائنل کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ نيويارڪ ۽ نيو جرسي ۾ سخت موسمي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اختيارين ايمرجنسي الرٽ جاري ڪندي شهرين کي خطرناڪ ۽ جاني نقصان واري ٻوڏ واري صورتحال کان خبردار ڪيو هو. فائنل آچر تي ارجنٽائن ۽ اسپين جي وچ ۾ ميٽ لائف اسٽيڊيم نيو جرسي ۾ کيڏيو ويندو. جڏهن ته ميچ کان اڳ علائقي ۾ خراب موسم سبب ٻنهي ٽيمن جون تياريون متاثر ٿي رهيون آهن. تازن ڏينهن ۾ ڪئناڊا ۾ سوين ٻيلن ۾ لڳل باهه سبب نيويارڪ ۽ نيو جرسي جي هوا به متاثر ٿي رهي آهي، جڏهن ته خميس ڏينهن هڪ رپورٽ ۾ نيو جرسي جي هوا کي حساس ماڻهن لاءِ ’غيرصحتمند‘ قرار ڏنو ويو آهي. سموگ ۽ دونهين جي بادلن سبب فائنل منتقل ٿيڻ جا پهريان ئي ڪال هئا ۽ هاڻي اوچتو ٻوڏ جي وارننگ صورتحال کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ڇڏيو. ڪجهه نيو يارڪ وارن پنهنجي سيل فون تي 12:33 PM ET تي ايمرجنسي پيغام وصول ڪيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته علائقي ۾ ٻوڏ جو خطرو آهي 3:30 PM ET تائين. الرٽ شهرين کي خبردار ڪيو آهي ته اها هڪ خطرناڪ صورتحال آهي ۽ غير ضروري سفر کان پاسو ڪن، سواءِ انهن ماڻهن جي جيڪي ٻوڏ واري علائقي کي ڇڏي رهيا آهن يا جن کي خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. موسم جي خطري سبب اسپين ۽ ارجنٽائن ٻنهي ٽيمن کي فائنل کان اڳ تيارين ۾ ڏکيائيون پيش آيون، جڏهن ته منتظمين ميچ جي انتظامن جي حوالي سان صورتحال تي نظر رکي رهيا آهن.



Source link

Share This Article
Leave a Comment