قطر کي هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي عالمي فٽبال ايونٽ جي ميزباني ملي وئي، قطر نومبر کان ڊسمبر ۾ منعقد ٿيندڙ فيفا انڊر 17 ورلڊ ڪپ 2026 جي ميزباني ڪندو.
پرڏيهي ميڊيا موجب هي ٽورنامينٽ نوجوان فٽبالرز لاءِ هڪ وڏو پليٽ فارم هوندو. ٽورنامينٽ 19 نومبر کان شروع ٿي 13 ڊسمبر 2026 تائين جاري رهندو، جنهن ۾ سڄي دنيا مان 48 ٽيمون حصو وٺنديون.
ايونٽ فيفا جي نئين سالياني نظام جو حصو آھي جنھن تحت U-17 ورلڊ ڪپ ھاڻي ھر سال منعقد ڪيو ويندو آھي. اڳ هي ٽورنامينٽ هر ٻن سالن بعد کيڏيو ويندو هو پر هاڻي ٽيمن جو انگ 24 مان وڌائي 48 ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته 2025ع ۾ پهرين ايڊيشن ۾ پرتگال ٽائيٽل کٽيو هو، جڏهن ته 2026ع جي ايڊيشن ۾ اڀرندڙ ٽيمن ۽ رانديگرن تي ڌيان ڏنو ويندو.


